ويڙهه سان ڪجهه به نه ملندو، اسلام آباد وارن بلوچستان کي سڃاتو ئي نه آهي: آصف زرداري

تربت: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو پر ويڙهه سان ڪجهه به نه ٿيندو، اسلام آباد وارن بلوچستان کي سڃاتو ئي نه آهي، اسان بلوچستان جي مسئلن کان واقف آهيون

تربت ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب دوران آصف زرداري چيو ته  اسان بلوچستان کي امن، اسپتالون ۽ پاڻي به ڏينداسين، سموريون جماعتون اقتدار ۾ اچڻ چاهين ٿيون پر پيپلزپارٽي عوام لاءِ اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿي

آصف زرداري چيو ته دنيا اسان کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان 40 سالن تائين افغانين جي مهمان نوازي ڪئي پر افغان اڄ به اسان کي پنهنجو سمجهڻ لاءِ تيار نه آهن

هن چيو ته اسان بلوچستان کي اهڙي جاءِ تان پاڻي ڏينداسين جو ڀارت سميت ڪير به نه روڪي سگهندو، چين اسان جو پارٽنر هوندو

اڳوڻي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ڪنونشن کي خطاب دوران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

سرفراز بگٽي چيو ته اڄ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي ته پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔