شهباز شريف اسحاق ڊار کي مسلم ليگ(ن) جي چونڊ سيل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سينيٽر اسحاق ڊار کي پارٽي جي اليڪشن سيل جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي اڳوڻي اطلاعات واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته اسحاق ڊار کي چونڊ سيل جو سربراهه بنائڻ سان  مسلم ليگ(ن) جي چونڊ بابت سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي

هن وڌيڪ چيو ته پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستن جي وصولي، چونڊ ضابطن جي نگراني سميت سمورن لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو.

ياد رهي ته سينيٽر اسحاق ڊار پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ ايڪٽ 2017 کي تيار ڪندڙ پارلياماني ڪميٽي جو سربراهه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔