ڊفالٽرن جا موبائل فون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي : حڪومت ڊيفالٽرن جا فون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف جو چوڻ آهي ته ڊيفالٽرن لاءِ ايندڙ قدم سم ۽ بعد ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ هوندو.

ان سلسلي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ پي ٽي اي، سيلولر آپريٽرز، جي ايس ايم اي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وزير پي ٽي اي لاءِ پاليسي هدايتون جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري نگران وزير ڊاڪٽر عمر سيف سمارٽ فونز کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ اهم قدم کنيو ۽ چيو ته سمارٽ فون سڀني لاءِ پاليسي ضروري آهي ته جيئن ماڻهو پاڻ کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍي سگهن ۽ اي ڪامرس کي هٿي ڏيڻ، سهولتن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته ڊيفالٽرن جا فون بلاڪ ڪيا ويندا، ڊيفالٽرن لاءِ ايندڙ قدم سم بلاڪ ڪرڻ ۽ بعد ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٿي سگهي ٿو، ان قدم سان ڊيفالٽرن جو حوصلو ٽٽندو ۽ سمارٽ فونز جي استعمال جي شرح ۾ واڌ ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته آفريقي ملڪ روانڊا جي اعليٰ سطحي وفد سان ملاقات ۾ سمارٽ فونز جي برآمد جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، روانڊا حڪومت پاڪستاني سمارٽ فونز ۾ خاص دلچسپي ڏيکاري آهي.

خيال رهي ته ڊفالٽرز مان مطلب اهو آهي ته جيڪي ماڻهو ٽيليڪام اٿارٽيز جا قرضي هوندا آهن ۽ بل واپس ناهن ڪندا، اهي بل لون جي صورت ۾ ورتل هوندا آهن يا ٻيا پيسا جيڪي واهپيدار کي واپس ٽيليڪام عملدارن کي ڏيڻا هوندا، اهي ادا نه ڪرڻ ته کين اسٽيٽ بينڪ طرفان ڊفالٽر قرار ڏنو ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔