ڪشميرين سان ٻڌي طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ريليون

اسلام آباد: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، ميڙاڪا ۽ تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن.
والاريل ڪشمير تي ڀارت جي قبضي جا 76 سال مڪمل، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج بنا ڪنهن آئيني ۽ اخلاقي جواز جي ڪشمير تي قبضو ڪيو هو، ڀارت جي ورهاڱي وقت ڪشمير جي قيادت پاڪستان سان الحاق جو فيصلو ڪيو هو، والاريل ڪشمير ۾ ڏهه لک ڀارتي فوجي 76 سالن کان ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت ڪري رهيا آهن.

پنج آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي رياست واري حيثيت به ختم ڪري ڇڏي، ڀارتي فوج جي ڪارروائين دوران هيل تائين اڍائي لک ڪشميري شهيد ٿي چڪا، هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي ويا.
ڀارتي فوج پاران يارنهن هزار کان وڌيڪ عورتن سان لڄالٽ ڪئي وئي، گڏيل قومن پاران ڪشميرين کي فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻ بابت 5 ٺهراءَ منظور ڪيا ويا آهن، ڀارت پاران عالمي اداري جي ڪنهن به ٺهراءَ تي عمل نه ڪيو ويو.
ملير جي ابراهيم حيدري ٽائون ۽ ٻين علائقن مان به ريليون ڪڍيون ويون، مظاهرين پاران عالمي برادري کان ڪشميرين تي جاري ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔