ماڙي جلباڻي ۾ ماريل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم هئا: ايس ايس پي جو عدالت آڏو بيان

ايس ايس پي شهيد بينظير آباد سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته ماڙي جلباڻي ۾ مارجي ويل چارئي ڳوٺاڻا بي گناهه ۽ معصوم هئا، مارجي ويل ڳوٺاڻن خلاف ڪو به ڪيس داخل ٿيل نه آهي، چارئي ڳوٺاڻا ڳوٺ ۾ لڪي ويٺل ڏوهارين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جڏهن پوليس ۽ رينجرز پهتي ته ڇا ڳوٺاڻا اڳ ئي ڇتين تي تيار ويٺا هئا؟

 جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر ۽ ايس ايس پي کان جي آءِ ٽي ۽ ٻين ڌرين جون رپورٽس طلب ڪري ورتيون

عدالت  سنڌ حڪومت ۽ رينجرز کان به جواب طلب ڪري ورتو آهي

 درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي ۽ ٻين پاران واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي

عدالت چيو ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙيون ٿا، عدالت ايندڙ اربع تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

ايس ايس پي حيدر رضا عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي وقت ڳوٺ ۾ ڏوهاري موجود هئا، جن جي فائرنگ ۾ 4 بي گناهه ڳوٺاڻا مارجي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔