ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو فيصلو اچي ويو، جوابدار رحيم شاهه کي قيد جي سزا

ڪراچي: دھشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو چئن سالن کانپوءِ ٻڌائي ڇڏيو آهي

عدالت مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

عدالت ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاھه عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آھي،ڪيس ۾ ڊي ايس پي شوڪت شاھاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آھن

ارشاد رانجھاڻي جو قتل ڪيس شاھه لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019 تي داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔