بهادر آهيو ته منهنجي خلاف چونڊون وڙهي ڏيکاريو: ياسمين راشد جو نوازشريف کي چيلينج

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد (ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف کي چونڊون وڙهڻ جو چيلينج ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر ياسمين راشد نوازشريف کي چيلينج ڪندي چيو ته بهادر آهيو ته منهنجي خلاف چونڊون وڙهي ڏيکاريو.

ڊاڪٽر ياسمين راشد وڌيڪ چيو ته نوازشريف سزا يافته ۽ اشتهاري آهي انهن کي چونڊن جي لاءِ ٻاهر کان آندو ويو آهي. ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب اهو آهي ته جنهن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي اهو ٻاهر هجي.

هن  چيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته چونڊون نه سليڪشن آهي، نوازشريف کي پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. اسان جي ڪيسز جو چالان 3.4 مهينن کان اڄ تائين نه آيو آهي ورلڊ ميڊيڪل ايسوسيئيشن صدر ۽ وزيراعظم کي خط لکيو ته اوهان ياسمين راشد کي ڇو گرفتار ڪري رکيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر سرفراز چيمه ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ 6 مهينن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي. هي اسان کان پريس ڪانفرنس ڪرائڻ چاهين ٿا. اسان کي پي ٽي آءِ ڇڏڻي هجي ها ته تڏهن ئي ڇڏي ڏيون ها. جن ڪيسز ۾ گرفتار ڪيو ويو ان وقت مان گهر ۾ هئس.

دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه، باهين جي مختلف ڪيسن ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، عمر سرفراز چيمه، اعجاز چوڌري ۽ خديجه شاهه جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 9 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔