ججز خلاف شڪايت جو معاملو: چيف جسٽس سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: ججز جي خلاف شڪايت جي معاملي تي چيف جسٽس پاڪستان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي صبح جو ساڍي 11 وڳي طلب ڪيو آهي

ذريعن موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿيندڙ سپريم جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ ججز خلاف التوا ۾ پيل شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي سميت ٻين ججز جي خلاف شڪايت سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ آئي هئي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن ۾ چيف جسٽس پاڪستان کان علاوه جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس اعجازالاحسن شامل آهن.

ياد رهي ته چيف جسٽس پاڪستان ۽ سپريم ڪورٽ جا 2 سينئر ترين جج سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو حصو هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔