گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل فلسطينين جي حق ۾ ڏنل بيان تان ڦري ويو

نيويارڪ: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس فلسطينين جي حق ۾ بيان ڏيڻ بعد دٻاءُ پوڻ تي پنهنجي ئي بيان تان ڦري ويو.
گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر تيٿيل ٽي ماهي اجلاس کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس فلسطينين جي حق ۾ بيان ڏيندي چيو هو ته حماس جا حملا خلا مان نه ٿيا، فلسطينين کي 56 سال ٻوسٽ واري قبضي جو شڪار بڻايو ويو.

هن چيو ته حماس جي حملن کي فلسطينين کي گڏيل سزا ڏيڻ جو جواز نٿو بڻائي سگھجي.
پر انتونيو گوتريس جي فلسطينين جي حمايت ۾ بيان تي اسرائيل فوري طور تي سندس استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسرائيلي پرڏيهي زوير ايلي ڪوهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪرڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو.
ان کانپوءِ انتونيو گوتريس فلسطينين جي حق ۾ بيان ڏيڻ بعد دٻاءُ پوڻ تي پنهنجي ئي بيان تان ڦري ويو.
رپورٽس موجب انتونيو گوتريس پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن جي مذمت ڪريان ٿو ڄاڻي واڻي شهرين کي نشانو بڻائڻ، شهري جي مارجڻ ۽ اغوا جو ڪو به جواز نٿو ٿي سگھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔