وفاقي حڪومت جو بجيٽ خسارو هڪ هزار اربن کان وڌي ويو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت وفاقي حڪومت جي بجيٽ خساري جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب وفاقي حڪومت جو بجيٽ خسارو هڪ هزار ارب رپين کان وڌي ويو، وفاقي حڪومت جي خالص آمدني هڪ هزار 406 ارب، جڏهن ته خرچ ٻه هزار 420 اربن کان وڌيڪ آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت قرضن تي وياج جي مد ۾ هڪ هزار 379 ارب رپيا خرچ ڪيا.
رپورٽ موجب جولاءِ کان سيپٽمبر تائين بجيٽ خسارو هڪ هزار 14 ارب رپيا رڪارڊ ٿيو، صوبن 51.54 ارب رپيا گهٽ خرچ ڪري وفاق کي فائدو پهچايو.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي بجيٽ خسارو گهٽجي 962 ارب 80 ڪروڙ رپين تي اچي ويو.
رپورٽ موجب قومي اوڳاڙين مان صوبن ۾ 1088 ارب رپيا ورهايا ويا، 3 مهينن ۾ دفاع تي 343 ارب، پينشن تي 203 ارب رپيا خرچ ٿيا، ان کانسواءِ 3 مهينن ۾ حڪومتي معاملن تي 132 ارب خرچ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔