نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ دبئي کان خاص اڏام جي بڪنگ ڪرائي وئي

لنڊن: مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ دبئي کان خاص جهاز جي بڪنگ ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جنهن اسپيشل فلائيٽ ذريعي پاڪستان پهچندو جنهن کي”اميدِ پاڪستان“ جو نالو ڏنو ويندو ۽ ان اسپيشل فلائيٽ ۾ 150 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هوندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف عمري جي ادائيگي لاءِ سڀاڻي لنڊن کان سعودي عرب روانو ٿيندو

 جتي هو اٽڪل هڪ هفتي جي دوري دوران سعودي عرب جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته اڳوڻو وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد 17 يا 18 آڪٽوبر تي دبئي پهچندو

ذريعن موجب نواز شريف سان دبئي ۾ به ڪيتريون ملاقاتون شيڊول آهن، هو 3 ڏينهن دبئي ۾ رهڻ کانپوءِ 21 آڪٽوبر تي لاهور روانو ٿيندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف دبئي مان ن ليگ ڪارڪنن ۽ صحافين سان گڏ 21 آڪٽوبر تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو

دبئي کان اسلام آباد پهچندي خاص اڏام اڌ ڪلاڪ کانپوءِ لاهور رواني ٿيندي، جتي اڳوڻو وزيراعظم مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔