پروسيجر ايڪٽ ڪيس:چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي

چيف جسٽس چيو ته ساٿي ججز کي درخواست آهي ته پنهنجا سوال روڪي رکن، بينچ ۾ هر ڪو سوال ڪرڻ چاهي ٿو پر وڪيل جو ڪو دليل پورو ٿيڻ ته ڏيو، چئن ٻڌڻين باوجود اسان جي ڪارڪردگي اها آهي ته هڪ ڪيس ختم نه ٿيو آهي

 جسٽس منيب اختر چيو ته توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ لاء جي تعريف درج آهي، رڳو اهو ٻڌايو ته آرٽيڪل 191 ۾ لاء جو ڇا مطلب آهي؟

جسٽس منيب اختر جي سوال تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان اڳ ئي ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته فيصلي ۾ لکي ڇڏجو، وڪيل کي مرضي موجب جيڪي دليل ڏيڻا هوندا ڏيندو، جسٽس منيب اختر چيو ته بينچ جو حصو هئڻ تي منهنجو حق آهي ته مان سوال ڪيان

چيف جسٽس چيو ته ظاهر آهي توهان سوال ڪري سگهو ٿا، پر پهرين وڪيل دليل ته مڪمل ڪري، جسٽس منيب اختر چيو ته معذرت سان منهنجو مسئلو منهنجو سوال آهي جنهن جو جواب ڏيو، مون کي سوال پڇڻ کان روڪيو ويندو ته پوءِ بينچ ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔