سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، دوڙ، اڪري چودڳي، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ تقريبون، ريليون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائي استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي
ڪنري، پنگريو، سٺ ميل، ڀريا روڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به تقريبون ۽ ريليون ڪڍيون ويون
ڪراچي ۾ خانگي اسڪولز جي ڊائريڪٽوريٽ پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ نگران وڏي وزير مقبول باقر، تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي ۽ تعليم واري نگران صوبائي وزير راڻا حسين شرڪت ڪئي
نگران وڏي وزير چيو ته ملڪن ۽ قومن جي ترقي جو مقابلو ڪلاس رومز ۾ ٿي رهيو آهي، ڪلاس روم جو دارومدار سٺي استاد تي هوندو آهي، سماج جي خدمت ڪندڙ استاد ڀيٽا جا مستحق آهن، تعليم واري نگران وفاقي ۽ صوبائي وزيرن پاران به استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي