آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ويو آهي .
پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري بريگيڊئير جنرل پيٽ رائيڊر هڪ بيان ۾ چيو ته بچاءَ واري وزير لائيڊ جي آسٽن اڱاري ڏينهن پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي .
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف ۽ آمريڪي بچاءَ واري وزير گڏيل دلچسپي واري شعبن سان گڏوگڏ هاڻوڪي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . ان حوالي سان آءِ ايس پي آر پاران فوري طور تي ڪو به بيان سامهون نه آيو آهي .