سنڌ هاءِ ڪورٽ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس اڄ ئي داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي اڄ ئي پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران بيرسٽر علي طاهر ٻڌايو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

وڪيل جي ٻڌائڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڇو نه ڪيو ويو؟ عدالت چيو ته پوليس اڄ ئي عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري. ڪيس داخل ٿيندو ته جاچ ٿيندي  جنهن کان پوءِ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.

عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪري 18 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کان به 18 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔