پي ٽي آءِ چيئرمين جو مقابلو فوج سان نه رياست سان آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو مقابلو فوج سان نه پر رياست سان آهي. هن کي عدالت مان ريليف نه مليو ته چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندو.

برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انواالحق ڪاڪڙ چيو ته تحريڪ انصاف تي بطور هڪ پارٽي ڪنهن به قسم جي سختي نه پئي ڪئي وڃي. منفي سرگرمين ۾ ملوث هزار پندرنهن سئو ماڻهن خلاف رويو سخت رهندو.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ واپسي تي نوازشريف سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو اهو سوال عدليه وٽ آهي ڇو ته سزا يافته ڏوهاري نوازشريف عدليه جي اجازت سان پرڏيهه ويو هو.

ان کان اڳ گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نوازشريف جي واپسي بابت قانوني راءِ ورتي ويندي. ڪيترن ئي قانون رخن کي ڏسڻو پوندو.

نگران وزيراعظم چيو ته اسان جيڪو ڪجهه به ڪنداسين اهو پاڪستان جي قانون موجب ڪنداسين. اسان ڪنهن به سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ نه ڪري رهيا آهيون.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لنڊن ۾(ن) ليگ جي اعليٰ قيادت جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي(ن) ليگ جي صدر شهباز شريف چيو هو ته نوازشريف جي ملڪ واپسي جي تاريخ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ٿي آهي. هو 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپس ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔