بلاول ڀٽو سڪرنڊ واقعي تي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڪرنڊ واقعي ۾ فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت کان شفاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

سڪرنڊ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ۾ 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ خلاف سڪرنڊ باءِ پاس تي لاش رکي وارثن طرفان 20 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهندڙ ڌرڻو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ ختم ڪيو ويو هو

مظاهرين جي مطالبي تي 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ وارثن طرفان سڪرنڊ باءِ پاس تي ڌرڻو ختم ڪري فوت ٿيلن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي  هئي جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

ٻئي طرف سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر طرفان واقعي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ کان پوءِ 3 رڪني ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو هو. نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته سڪرنڊ واقعي جي آزادانه ۽ شفاف جاچ ڪئي وڃي.

ياد رهي ته سڪرنڊ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي بابت ايس ايس پي حيدر رضا چيو هو ته پوليس ۽ رينجرز گهربل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ ڪارروائي ڪئي هئي، پوليس ۽ رينجرز جيئن ئي گهرن جو سرچ آپريشن ڪيو ته ڳوٺ وارن طرفان مزاحمت ڪئي وئي ۽ مڇريل ماڻهن پوليس ۽ رينجرز تي پٿراءُ شروع ڪري ڏنو.

هن چيو ته مزاحمت تي پوليس اهلڪار ته ڳوٺ کان ٻاهر اچي ويا پر رينجرز اهلڪارن مڇريل ماڻهن کي تشدد جو نشانو بنايو. سرين ۽ ڏنڊن جا وار ڪري رينجرز جي 5 اهلڪارن کي زخمي ڪيو ويو. ايس ايس پي موجب پوليس ۽ رينجرز پنهنجي دفاع جي لاءِ فائرنگ ڪئي جنهن سبب ڳوٺ جا 4 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔