سڪرنڊ ماڙي جلباڻي جي شھيدن جي وارثن ۽ انتظاميه جي وچ ۾ ڪامياب ڳالھين کانپوء ڌرڻو ختم

سڪرنڊ: سڪرنڊ لڳ ماڙي جلباڻي واقعي جو ڪيس داخل ٿي ويو.
گذريل ڏينهن سڪرنڊ لڳ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ واقعي جي ايف آءِ آر ماڙي جلباڻي ۾ ٿاڻي داخل ڪئي وئي آهي

شھيدن جي وارثن ۽ انتظاميه جي وچ ۾ ڪامياب ڳالھين کانپوء ڌرڻو ختم ميتون ماڙي جلباڻي ڏانھن موڪلڻ جو عمل شروع.
گذريل ڏينهن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪارن جي گڏيل ڪارروائي دوران ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي فائرنگ ۾ چار ڳوٺاڻا قتل ۽ پنج زخمي ٿي پيا هئا.
ايف آءِ آر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نامعلوم ماڻھن خلاف داخل ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ آر ۾ وارثن ڄاڻايو آهي ته گذريل ڏينهن گھر جي دروازي سامھون پنج موبائيل ھڪ اڇي ۽ ھڪ ڪاري ڪلر جي ويگو گاڏي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون گاڏيون بيٺيون جن مان 40/45 مختلف سرڪاري وردي پھريل ۽ ڏهه سول ڪپڙن ۾ ملبوس ماڻھو لٿا جن اسان کي چيو توهان دھشتگرد آھيو، اڄ توھان کي نه ڇڏينداسين، ماري خون ڪنداسين ائين چئي سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني.
واقعي جي چويھ ڪلاڪن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. گذريل چويھ ڪلاڪن کان ڌرڻي سبب ملڪ جو قومي شاھراهه روڊ بند ھيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔