پنجاب ۾ اکين جي بيماري جا ڪيس وڌي ويا: تعليمي ادارا چئن ڏينهن لاءِ بند

لاهور: پنجاب صوبي ۾ اکين جي بيماري جي وڌندڙ وبا جي خطري کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سڀاڻي خميس کان آچر تائين نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نگران پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي راوي روڊ تي قائم گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول جو اوچتو دورو ڪيو جتي شاگردن اسڪولن ۾ روشني ۽ پکا گهٽ هجڻ جي به شڪايت ڪئي.

حڪومتي هدايتن جي باوجود اسڪول ۾ اکين جي بيماري جو شڪار شاگرد حاضر هئا جنهن تي نگران وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اکين جي بيماري جي شڪار شاگردن جي اسڪولن ۾ حاضري تي نگران وڏي وزير سيڪريٽري اسڪول کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو.

وڏي وزير صوبي جي سمورن نجي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ خميس ۽ ڇنڇر جي موڪل ڏيڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي. جڏهن ته 12 ربيع الاول تي عيد ميلادالنبي جي موڪل  هوندي.

سومر جي ڏينهن صبح جو اسڪولن جي ٻاهران ٻارن جي داخل ٿيڻ وقت استاد چيڪ ڪندا جن ٻارن ۾ اکين جي بيماري جي شڪايت هجي انهن کي واپس گهرن ڏانهن اماڻيو وڃي.

ياد رهي ته لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ اکين جي بيماري جي وڌندڙ مرض سبب اسڪول ۽ ڪاليجز جي شاگردن سميت عام شهرين جو هڪ وڏو انگ متاثر ٿي چڪو آهي. پنجاب ۾ اکين جي بيماري جا هينئر تائين 74.220 مريض رپورٽ ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ 8851 مريض رپورٽ ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔