نگران گهرو وزير بيان ڏيڻ کان اڳ شيخ رشيد جو انجام ڏسي وٺي: راڻا ثناءُالله

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته نگران گهرو وزيرو بيان ڏيڻ کان اڳ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو انجام ڏسي وٺي.

نگران گهر وزير سرفراز بگٽي طرفان ڏنل بيان کي حد کان مٿانهون قرار ڏيندي پاڪستان مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته سرفراز بگٽي بيان ڏيڻ کان اڳ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو انجام ڏسي وٺي.

هن چيو ته نوازشريف جي خلاف سازش جو انجام عوام ۽ ملڪ ڀوڳيو آهي نوازشريف جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي ملڪ ۽ عوام سان دشمني ڪئي وئي. (ن) ليگ جي اڳواڻ چيو ته (ن) ليگ جي اڳواڻ تي الله پاڪ جي رحمت ۽ هيٺ عوام جي طاقت آهي.

راڻا ثناءُالله پنهنجي بيان ۾ چيو ته سرفراز بگٽي نوازشريف جي باري ۾ بيان بازي ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪري. (ن) ليگ جو اڳواڻ جيلن ۽ فورس کي منهن ڏئي چڪو آهي. ان جي فڪر ڇڏيو اوهان پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيو.

هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي ايئرپورٽ تان 21 آڪٽوبر تي ڪيڏانهن وڃڻو آهي اهو گهرو وزير يا وفاق جو فيصلو  نه هوندو اهو عوام جو فيصلو هوندو. نوازشريف هميشه جيان عدالتن ۾ قانون موجب گهرجون پوريون ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔