سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف گئس ڪمپني ۾ 17 ارب روپين جي ڪرپشن وارو ريفرنس واپس نيب چيئرمين ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڊاڪٽر عاصم جي درخواست منظور ڪندي فيصلو ٻڌايو
ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين پاران احتساب عدالت جي اختيارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو
ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين تي ڪميشن عيوض من پسند ڪمپنيز کي گئس فراهم ڪرڻ جا الزام هئا
وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته نيب ترميمن کانپوءِ هي ڪيس نيب جي دائري ۾ نه ٿو اچي
عدالت ڪيس نيب چيئرمين ڏانهن واپس اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو