بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 24 پئسا في يونٽ واڌ نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: بجلي جي قيمت ۾ هڪ روپيو 24 پئسا واڌ جو نوٽيفڪيشن  جاري ڪيو ويو آهي.

نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب في يونٽ بجلي هڪ روپيو 24 پئسا مهانگي ٿي وئي آهي. بجلي جي قيمت ۾ واڌ جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بلن ۾ ٿيندي. ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي اهو اعلان لاڳو نه هوندو.

بجلي جي قيمت ۾ واڌ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. قيمتن ۾ واڌ سان صارفين تي 46 ارب 76 ڪروڙ روپين جو بار پوندو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔