اپوزيشن قومي اسيمبلي جو مدو وڌائڻ تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ تي اتفاق ڪري ورتو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض قومي اسيمبلي جو مدو وڌاڻ تي حڪومت جو ساٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

راجا رياض چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن. ايندڙ ڏينهن دوران خبر پئجي ويندي ته حڪومت اسيمبلي ٽوڙي ٿي يا مدو وڌائي ٿي.

اپوزيشن اڳواڻ چيو ته حڪومت چئي رهي آهي ته اسيمبلي مدو ختم ٿيڻ کان اڳ ٽوڙي چونڊن طرف وڃڻو آهي. پر ملڪ جي معيشت خاطر اسيمبلي جو مدو وڌائڻ لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏينداسين.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو هو ته مدو پورو ٿيڻ تي حڪومت ڇڏي ڏينداسين وڃڻ کان اڳ 15 ارب ڊالر جا  ذخيرا ڇڏي وينداسين. نگران وزيراعظم لاءِ نالو اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو اصلاحات اڳيان کڻي هلي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔