سپريم ڪورٽ رويو ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ رويو ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت قانونسازي ضرور ڪري پر شڪ شبها نه رهائي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ وٽ مڪمل انصاف ڪرڻ جو اختيار به آهي، عدالت کي ناانصافي ٿيندي نظر اچي ته اها مڪمل انصاف جو اختيار استعمال ڪري ٿي

 اٽارني جنرل دليل مڪمل ڪندي چيو ته عمران ٽوانا ڪيس ۾ عدالت قرار ڏئي چڪي آهي ته ڪنهن قانون کي شڪ شبهي جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، اٽارني جنرل پاران سپريم ڪورٽ رويو ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستون خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

 تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر چيو ته سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ رڳو قانون ٺاهڻ سان تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ تبديلي لاءِ آئيني ترميم لازمي آهي، عدالت رويو آف ججمينٽ ايڪٽ خلاف درخواستن تي دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔