يونان جي ڏکڻ واري ساحلي علائقي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڪستانين سميت 78 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي
عالمي ادارن پاران ٻڏي فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 298 کان وڌيڪ هئڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته 12 ڄڻن کي بچايو ويو
يوناني ميڊيا جي رپورٽس موجب لبيا کان غير قانوني طور اٽلي ويندڙ ٻيڙي يونان جي ڏکڻ ساحلي علائقي ۾ اونڌي ٿي پئي، ٻيڙي ۾ 6 سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا
گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس موجب ٻيڙي اونڌي ٿيڻ بعد 5 سئو ماڻهو اڃا گم آهن، گم ٿيلن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي
- T