عمران خان پرڏيهه ۾ موجود زلفي بخاري سميت ٻين اڳواڻن کي ملڪ اچڻ کان روڪي ڇڏيو

لاهور: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ زلفي بخاري سميت پرڏيهه ۾ موجود اڳواڻن کي ملڪ اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

عمران خان سان پرڏيهه ۾ رهندڙ اڳواڻن جو رابطو ٿيو جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين اڳواڻن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

عمران خان پرڏيهه ۾ رهندڙ مخدوم طارق، زلفي بخاري ۽ شهباز گل سميت ٻين کي 2 هفتن جي لاءِ واپس نه اچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جيستائين پارٽي جا معاملا صحيح نٿا ٿين اوهان پاڪستان واپس نه اچو ڇو ته پاڪستان واپس اچڻ جي صورت ۾ اوهان کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

قيادت طرفان حڪم ملندي ئي سمورا اڳواڻ ملڪ واپس ايندا.  واضح رهي ته تحريڪ انصاف اڳواڻ مخدوم طارق ۽ شهباز گل هلندڙ هفتي واپسي جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔