لاهور؛اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول سان ملاقات بعد ڏکڻ پنجاب جون اهم سياسي شخصيتون پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويون آهن
بلاول هائوس لاهور ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ڏکڻ پنجاب جي سياسي شخصيتن مظفر ڳڙهه جي سيد هارون احمد ۽ خانيوال جي سيد جميل شاهه ملاقات ڪئي جنهن بعد ٻنهي اهم سياسي شخصيتن نواز ليگ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو
مظفر ڳڙهه ۾ ق ليگ جو ٽڪيٽ هولڊر ملڪ فيض احمد کَکُ ۽ بهاول نگر ۾ پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ٽڪيٽ هولڊر راڻا انتظار احمد به پ پ ۾ شامل ٿي ويا آهن جڏهن ته پاڪستان ڪسان اتحاد جي صدر ميان عامر وٽو ۽ خانيوال ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مسعود مجيد ڊاها به پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
آصف زراري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پ پ ۾ شامل ٿيندڙن کي واڌايون ڏنيون، ملاقاتن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون