ڄامشورو: ڄامشورو کان نوري آباد ٽرانسميشن لائن ڊبل سرڪٽ جا 132 ڪي وي جا 12 ٽاور ڪِري پيا.
حيسڪو ترجمان موجب ٽرانسميشن لائن جا ٽاور ڪمزور هئا، اهي تيز هوائن سبب ڪريا آهن.
حيسڪو ترجمان ٻڌايو ته ٽاور ڪرڻ سان نوري آبادي صنعتي زون ۽ ٻين علائقن ۾ فراهمي متاثر ٿي پر حيسڪو نوري آباد زون جي بجلي ٺٽي کان جوڙي بحال ڪري ڇڏي.
حيسڪو ترجمان موجب ٽاورن جي بريڪس پليٽس چوري جون وارداتون معمول بڻجي چڪيون آهن.
پچھلی پوسٹ