لاهور ۾ صحافين سان ڳالهه ٻول ڪندي ياسمين راشد چيو ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ صحيح نموني ناهي ٿي رهي، ڇاڪاڻ ته شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ ڊرٽي هيري جاچ ۾ خلل وجهي رهيا آهن، قاتلاڻي حملي جا ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن الزام لڳائيندي چيو ته عمران خان تي حملي ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومت ملوث آهي، سڀ کان مشهور اڳواڻ کي قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ راڻا ثناءُ الله عمران خان کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جي نئين جي آءِ ٽي تي اعتراض آهي، صوبائي حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي ته وفاقي سرڪار ڇو مداخلت ڪئي؟ نئين جي آءِ ٽي ۾ چار آفيسر آهن جن ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته مريم نواز ٻيهر عدليا جي پويان پئجي وئي آهي، ان بي بي جي تربيت کي غلط ٿي آهي.