وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آهي
لاهور جي احتساب عدالت ۾ سليمان شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ مني لانڊرنگ ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي
وزير اعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا
سليمان شهباز عدالت آيو ۽ حاضري لڳائي واپس هليو ويو، عدالت سندس عبوري ضمانت ۾ 23 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي
لاهور جي احتساب عدالت نيب کي ايندڙ مهيني تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي