عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيا ته وارنٽ جاري ڪنداسين:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان وارننگ ڏني وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيا ته وارنٽ جاري ڪنداسين

توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري پيش نه ٿي سگهيا

 ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته عمران خان کي صحت اجازت نٿي ڏئي ته هو پيش ٿي سگهي، فواد چوڌري جي به امڙ بيمار آهي

وڪيل طرفان عمران خان ۽ فواد چوڌري کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري استدعا ڪئي وئي

 اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار دراني چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان ۽ فواد چوڌري پيش نه ٿيا ته وارنٽ جاري ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔