عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ عمران خان خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف ڪارروائي جاري رکي

سپريم ڪورٽ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪنهن به هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان ناهي روڪيو

عدالت جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ رڳو حتمي فيصلي کان روڪيو هو، اليڪشن ايڪٽ ڪميشن کي ڪارروائي لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اعتراضن تي به قانون موجب فيصلو ڪري

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔