سکر : سکر ۾ اداڪارا صوفيه مرزا ۽ ٻين خلاف فراڊ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو، عمران خان جي گهڙي خريد ڪندڙ عمر فاروق جي اڳوڻي زال ۽ اداڪارا صوفيه مرزا ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي شهري ثناءُ الله مهيسر جي فرياد تي فراڊ، گارگند ۽ قتل جي ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
ڪيس ۾ صوفيه مرزا عرف خوشبخت مرزا، سندس ڀيڻ مريم، مئنيجر ماريه خرم ۽ ان جو مڙس نامزد ڪيا ويا
ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس عملدارن صوفيه مرزا جي گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي اجازت طلب ڪري ورتي آهي، لکت ۾ اجازت ملندي ئي پوليس ٽيم صوفيه مرزا جي گرفتاري لاءِ پنجاب رواني ٿيندي
ڪيس داخڪ ڪرائيندڙ فريادي موجب صوفيه مرزا گروپ کي شادي پروگرام ۾ ناچ گاني لاءِ 15 لک روپين ۾ بُڪ ڪيو، 10 لک ايڊوانس ڏنا هئا، صوفيه مرزا گروپ شادي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي، رقم واپس گهرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون ويون