اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل کي 15 سال ٿي ويا

ڪراچي:اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي قتل کي 15 سال ٿي ويا پر اڄ تائين ان قتل جي جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪو قاتل پڪڙجي سگهيو آهي ، لاهور هاءِ ڪورٽ  راولپندي بينچ  ۾ اڄ به سندس قتل جو ڪيس هلي رهيو آهي  ، اڄ بينظير ڀٽو شهيد جي پندرهين ورسي ملهائي پئي وڃي ، ان موقعي تي سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي .اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي لياقت باغ ۾ تاريخي جلسي کان پوءِ واپس ويندي لياقت پارڪ جي مرڪزي گيٽ تي 27 ڪارڪنن سميت 27 ڊسمبر 2007 تي آپگهاتي حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو . شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ڳڙهي خدابخش ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان اڄ ملهائي پئي وڃي .جلسي کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ، آصف علي زرداري ۽ ٻيا پارٽي جا اڳواڻ به خطاب ڪندا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔