ايپل واهپيدارن جي ڊيٽا جاچ ايجنسين کان به لڪائڻ جو منصوبو؟

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ايپل ڪمپني واهپيدارن جي ڊيتا ڳجهي رکڻ لاءِ هڪ وڏو منصوبو تيار ڪري رهي آهي.

ايپل طرفان ڪلائوڊ تي واهپيدارن جي گڏ ڪيل ڊيٽا محفوظ رکڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي.

رڪارڊ مان پتو پوي ٿو ته رڳو گزريل سال ذاتي ڊيٽا تائين بنا اجازت رسائي جا 1 ارب 10 ڪروڙ واقعا پيش آيا، ايپل جو چوڻ آهي ته انڪرپشن ذريعي اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي ٿي.

ڪمپني موجب ڪلائوڊ تي بيڪ اپ ڪيل تصويرون يا پيغامن جهڙي ڊيٽا کي هاڻي انڪرپشن ذريعي ڳجهو رکيو ويندون ان سان ڊيتا جي تحفط کي مضبوط بڻايو ويو آهي.

ان مان ڪجهه خدشن به جنم ورتو آهي، ڪجهه ماهرن نشاندهي ڪئي آهي ته انرڪپشن سان سڄي دنيا ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جاچ ڪرڻ ۾ رنڊڪ ايندي.

ايپل موجب اها سهولت آمريڪا ۾ هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين ۽ سڄي دنيا جي واهپيدارن کي ايندڙ سال ملندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔