مسافرن کي لٽڻ واري رڪشا ڊرائيور کي 20 سال قيد جو حڪم

ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري ۾ رڪشا ڊرائيور بڻجي شهرين کي لٽڻ واري جوابدار کي مجموعي طور 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ڪراچي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي خاص عدالت  لياري ۾ رڪشا ڊرائيور بڻجي شهرين کي لٽڻ واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. پراسيڪيوشن ڏوهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.

عدالت جوابدار وسيم عثمان کي مجموعي طور تي 20 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو ۽ جوابدار کان برآمد ٿيڻ وارو رڪشا ۽ پستول سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پراسيڪيوٽر موقف ڏنو ته جوابدار کي لياري جي عيدولين مان ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو. جوابدار پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪئي. رڪشا ڊرائيور مسافرن کي پنهنجي رڪشا ۾ سوار ڪندو هو ۽ ويراني ۾ وٺي وڃي هٿيار جي زور تي لٽيندو هو.

پوليس موجب جوابدار خلاف بغدادي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔