ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪيم 33 ۾ حددخلين جي خاتمي لاءِ گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ بنجور هائوسنگ سوسائٽي ۾ ٿيل قبضن واري ڪيس تي ٻڌڻي ٿي
ٻڌڻي دوران سوسائٽي اندر زمين جي ماپ نه ڪرائڻ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي
ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اسان کي ٻڌايو ته آپريشن ڪڏهن ٿيندو ته زمين ڪڏهن خالي ٿيندي؟ ڊي سي طرفان ڪجهه ڏينهن مهلت طلب ڪئي وئي
عدالت طرفان 12 ڏينهن اندر ڪارروائي مڪمل ڪري 16 جنوري تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي