اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، گهرو، پرڏيهي ۽ اطلاعات سيڪريٽري کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن
ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي آءِ بي کي به نوٽيسز جاري ڪيا ويا آھن، پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي اڄ ئي ٿيندي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪندي، سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب ارشدشريف جي قتل تي صحافي برادري ۽ عوام ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي