ڪراچي وارن لاءِ وڏي خبر، پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي: سنڌ سرڪار جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ واري روٽ تي پڻ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ٽرانسپورٽ سيڪريٽري عبدالحليم شيخ چيو آهي ته ان حوالي سان حڪومت ۽ سول ايوي ايشن وچ ۾ ڳالهه ٻول جاري آهي، بس سروس لاءِ هوائي اڏي جي اندر بس ٽرمينل ٺاهيو ويندو.

ٽرانسپورٽ سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هوائي اڏي واري روٽ تي بس سروس هلڻ سان عوام کي سهولت ٿيندي، سول ايوي ايشن پيپلز بس سروس لاءِ ٻه بس اسٽاپ ٺاهڻ لاءِ جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔