پاڪستان جي ڪرڪيٽ به خطري ۾ پئجي وئي، رميز راجا بورڊ تباهه ڪري ڇڏيو

لاهور: ملڪ جي راندين جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪروڙين رُپين جي خساري جي شڪار ٿي ويو.

دستاويز موجب سال ٻه هزار ويهه ۾ ٽي ارب ٽياسي ڪروڙ رُپيا منافعو ڪمائيندڙ پي سي بي جا اثاثا هاڻ 83 ڪروڙ 59 لکن جا ٿي ويا آهن.

آڊيٽر جنرل پاڪستان اجمل گوندل رڪارڊ طلب ڪندي پي ٽي آءِ حڪومتي دور جي ٽن سالن جو اسپيشل آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ دور ۾ پي ايس ايل جي مد ۾ ست ارب تيرنهن ڪروڙ جون ادائيگيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب ڪرڪيٽ بورڊ جا ساليانا انتظامي خرچ هڪ ارب 17 ڪروڙ رُپين تائين آهن جڏهن ته 18 وڏن آفيسرن جي ماهوار پگهار هڪ ڪروڙ 59 لک رُپيا آهي.

پي سي بي چيئرمين رميز راجا پگهار ته ناهي وٺندو ته پر 75 لک 20 هزار رُپيا سالياني مراعتن جي مد ۾ وٺي رهيو آهي.

پي سي بي ترجمان موقف اختيار ڪندي چيو ته چيئرمين جي مراعتون بورڊ آف گورنرز وٽان منظور ٿيل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فزيو ٿراپسٽ ويڪلف ڊيڪن جي ماهوار پگهار 21 لک 16 هزار رُپيا، ميڊيا ڊائريڪٽر سميع برني جي پگهار 13 لک 60 هزار رُپيا، چيف ايگزيڪٽو آفيسر سلمان نصير 12 لک 45 هزار رُپيا، چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ 12 لک 40 هزار رُپيا ۽ ڪنسلٽنٽ ثقلين مشتاق جي ماهوار پگهار 12 لک 78 هزار رُپيا آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔