چيني صدر ٽيون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

بيجنگ: چيني صدر شي جن پنگ مسلسل ٽيون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو.

پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته شي جن پنگ جي چونڊ چيني عوام جي خدمت لاءِ ان جي دانشمنداڻي ذميواري کي شاندار ڀيٽا آهي.

واضح رهي ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سالياني اجلاس ۾ چيني صدر شي جن پنگ جي موجودگي ۾ اڳوڻي صدر هوجن تائو کي هال مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو.

چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ اڳوڻو صدر هوجن تائو موجوده صدر شي جن پنگ جي ڀر واري سيٽ تي ويٺو هو.

ان دوران ڪجهه ماڻهو آيا ۽ اڳوڻي صدر کي ٻاهر وٺي ويا، 2003 کان 2013 تائين چين جو صدر رهندڙ 79 ورهين جي هوجن تائو کي ظاهري طور انهن مرضي خلاف هال مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن دوران هن صدر شي جن پنگ سان ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪئي، جڏهن ته اختيارين ان معاملي تي وضاحت جاري ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔