ڀان سيدآباد: ٻوڏ متاثرن کي ٻيڙيون ڏيڻ جي مد ۾ ڪوڙا بل جاري ٿيڻ جو انڪشاف

ڀان سيدآباد : تعلقي سيوهڻ ۾ ٻوڏ متاثرن کي ٻيڙيون ڏيڻ جي مد ۾ ڪوڙا بل جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن موجب ٻيڙين جي مد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي آفيس مان هڪ ڪروڙ 80 لک روپين جو بل جاري ڪيو ويو آهي

ڊي سي ڄامشورو پاران تعلقي سيوهڻ جي مختلف ڳوٺن توڙي ڪٽن واري هنڌن تي 200 کان وڌيڪ ٻيڙيون بلن ۾ ظاهر ڪيون ويون

متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ٻيڙيون ڪٿي به هلندي نظر نه آيون پر انهن ٻيڙين جي مد ۾ ڪوڙا بل ٺاهيا ويا

هنن چيو ته ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ ٻيڙيون ڪرائي تي ڪرائي ڳوٺن طرف اچ وڃ ڪئي پر بااثر ڪامورا ۽ سياسي ماڻهو بل وصول ڪري ويا

متاثر ڳوٺاڻن موجب ٻيڙين جي ڪرائي ۽ پيٽرول جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک روپين جا بل جاري ڪيا ويا

متاثر ڳوٺاڻن جو مطالبو آهي ته وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه ٻيڙين جي مد ۾ ٿيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔