اٽلي جو سياحتي وفد سنڌ جي تاريخي ماڳ موهن جو دڙو پهچي ويو

موھن جو دڙو : سنڌ جي سڃاڻپ موهن جي دڙو ۾ پرڏيهي سياحن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، اٽلي جو 12 رڪني وفد موهن جو دڙو پهتو

ڪِليڊو ٽيريلي جي اڳواڻي ۾ اٽلي جي وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ٻين آڳاٽن آثارن  جو دورو ڪيو

اطالوي وفد جو چوڻ آهي ته ڪتابن ۾ موهن جو دڙو ڏسي ننڍڙو لڳندو هو پر هي ته وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، آڳاٽا ماڳ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔