اسلام آباد قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلومحفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله نيازي ۽ اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ٻڌڻي دوران اسد عمرعدالت کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو، جيڪو قانون خلاف آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان متاثر ٿيا آهيو؟ ڇا اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي؟

وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اهڙي صورت ۾ ريلي نه ٿي ڪڍي سگهجي، چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته احتجاج يا ريلي ڪڍڻ جو طريقيڪار هوندو آهي، اُن لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي

چيف جسٽس اطهرمن الله جو چوڻ ھو ته درخواست گذار پارٽيءَ جي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به حڪومت آهي، ڇا اُتي ڪڏهن قلم 144 لاڳو ناهي ڪيو ويو؟ پهرين اوهان اُتي وڃي اسيمبلين مان قانون ختم ڪرايو پوءِ هتي اچو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔