ڪامران ٽيسوري سنڌ جو گورنر مقرر،صدرعارف علوي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪامران ٽيسوري کي گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي ،سندس مقرري جي منظوري صدر عارف علوي ڏئي ڇڏي آهي.

محمد ڪامران خان ٽيسوري جي گورنر سنڌ طور مقرري جي منظوري صدر پاڪستان ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 101 (i)هيٺ ڏني آهي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪامران ٽيسوري 5 مئي 1974 ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ، سندس تعلق پاڪستان جي هڪ ڪاروباري خاندان سان آهي.

ڪامران ٽيسوري ڪاروباري حلقن ۾ ممتاز مقام ۽ مثبت حوالو رکندڙ آهي ، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ هو ٽي دفعا بزنس مين آف دي ايئر جو اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي .

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري 12 سال اڳ سياست جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات مسلم ليگ فنڪشنل کان ڪئي ، 4 سالن کانپوءِ ڪامران ٽيسوري مسلم ليگ فنشڪنل کي الوداع چئي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل ٿيو .

متحده قومي موومنٽ پاڪستان ۾ ان کي ڊپٽي ڪنوينر جو عهدو ڏنو ويو ، سياسي ميدان ۾ به سندس نيڪ نامي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي .

واضح رهي ته گورنرسنڌ جو عهدو پوئين ڪجهه مهينن کان عمران اسماعيل جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيو هو ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني وقتي گورنر جون ذميواريون ادا ڪري رهيو هو .

عمران اسماعيل کان اڳ مسلم لي ن جو محمد زبير سنڌ جو گورنرهو ، ان کان اڳ اهو عهدو ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ عشرت العباد وٽ هو . ڊاڪٽر عشرت العباد کي قومي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين گورنر سنڌ رهڻ جو اعزاز حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔