بگ باس اداڪارا کي زيادتي ۽ قتل جون ڌمڪيون، وڏا انڪشاف

ممبئي: ناليواري ڀارتي اداڪارا ۽ بگ باس سيزن چوڏهن جي اميدوار جيسمين بهسين انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ريئلٽي شور مان نڪرڻ کانپوءِ موتمار ڌمڪين ۽ جنسي زيادتين جو نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي جيسمين چيو ته بگ باس جي گهر مان نڪرڻ کانپوءِ ماڻهن مونکي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، مونتي ٺٺولون ڪيون ويون ايتري تائين جو مونکي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون.

اداڪارا چيو ته اهو سڀ ڪجهه ڇا جي ڪري ٿيو؟ رڳو انڪري ته مان شو ۾ شريڪ ٿيس ۽ ماڻهن کي اتي پسند نه آيس.

جيسمين جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه مان برداشت ڪيو اهو تمام خطرناڪ هو، جيڪڏهن مان ڊاڪٽر کان علاج نه ڪرايان ها ته چري ٿي وڃان ها، هن پنهنجي دوستن ۽ پاڙيسرن جا ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن مان اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهه ڪيان ته مان هاڻي تمام گهڻي خوش آهيان، مونکي منهنجي خلاف ڳالهائيندڙ جي ڪا پرواهه ئي ناهي نه ئي ڪا خبر پوندي آهي.

اداڪارا چيو ته اسان اداڪارن کي سولائي سان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، اسان پنهنجي مرضي سان ڪنهن به شعبي جي چونڊ ناهيون ڪندا، نه ئي اهو چاهيندا آهيون ته ڪوئي اسان کان نفرت ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔