لاهور هاءِ ڪورٽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي هٽائڻ بابت درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر 30 ڏينهن ۾ اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي فيصلو ڪري
عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل لاڳاپيل اختيارين کي فيصلي کان آگاهه ڪري
عدالت رجسٽرار کي فيصلي ۽ درخواست جي ڪاپي اسپيڪر تائين پهچائڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي