ڪراچي: سنڌ جي 14 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 946 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن موجب گهوٽڪي ضلعي جي ٻن وارڊز ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا
ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 96، قمبر شهدادڪوٽ 70، جيڪب آباد 135 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، شڪارپور ۾ 94، لاڙڪاڻي ۾ 11، ميرپور خاص 65، عمر ڪوٽ ۾ 69 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن
ٿرپارڪر ۾ 18، سکر ۾ 34، گهوٽڪي ۾ 48، خيرپور ۾ 67، شهيد بينظير آباد ۾ 105 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب نوشهرو فيروز ۾ 48 ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ 87 اميدوار چونڊن کان اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن
بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ اڪثريت پيپلز پارٽي جي آهي، مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 6277 تڪن تي چونڊ ٿيڻي هئي، هاڻ 5 هزار 331 سيٽن تي ووٽنگ ٿيندي