ڪراچي: ڪراچي ۾ جيل چورنگي واري علائقي ۾ واقع سپر اسٽور کي لڳل باهه تي 21 ڪلاڪن کانپوءِ به ضابطو نه اچي سگهيو .
فائر بريگيڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سپر اسٽور کي بيسمينٽ مان لڳل باهه کي مختلف جاين تان وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جڏهن ته بيسمينٽ ۾ وڃڻ جو رستو نه هجڻ ڪري باهه وسائڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿي رهي آهي .
سندن چوڻ هو ته بيسمينت ۾ باهه تي 80 سيڪڙو ضابطو اچي چڪو آهي جڏهن ته دوهين جي ڪري رضاڪارن کي اندر وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن .اميد آهي ته ايندڙ ڇهن ڪلاڪن ۾ باهه تي مڪمل ضابطو آندو ويندو . لاڳيتو باهه جي ڪري متاثر عمارت جي ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آهن .