جبل جهاڳيندڙ علي رضا سدپاره لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد: اسڪردو ۾ جبل تان ڪري زخمي ٿيڻ وارو ناليوارو جبل جهاڳيندڙ علي رضا سدپاره 66 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .

سندس گهروارن موجب علي رضا سدپاره  جي جنازي نماز اڄ صبح 10 وڳي اولڊ قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي .

علي رضا جبل تان ڪرڻ کان پوءِ زخمي ٿي پيو هو ، جنهن کانپوءِ هو ريجنل اسپتال ۾ زير علاج هو .

سندس گهروارن جو چوڻ هو ته علي رضا سدپاره  کي هن سال ڪي ٽي سر ڪرڻ وڃڻو هو . علي رضا سدپاره وٽ 8 هزار ميٽر کان اوچي چئن چوٽين کي 16 ڀيرا سرڪرڻ جو اعزاز هو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔